ڊاڪٽر پريم پرڪاش

ڊاڪٽر پريم پرڪاش

پريم پرڪاش ڊاڪٽر

پريم پرڪاش، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ليکڪ، نقاد، اداڪار، هدايتڪار، چترڪار ۽ اديب پريم پرڪاش جو اصل نالو پريم سنگهه سنت سنگهه ميلسنگهاڻي آهي. هن 2 آگسٽ 1946ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. بي. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر“ جي موضوع تي بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ســـنـدس ڇـپيل ڪتابن ۾: پڪـنـڪـ (ٽه- فـصـلـو ناٽــڪ: 1974ع)، قدم (ناٽڪن جو مجموعو، ترتيب: 1975ع)، پردا (ناٽڪن جو مجموعو، ترتيب: 1976ع)، اٺ ننڍا ناٽڪ (ترتيب: 1977ع)، وِلـين (ڪھاڻين جو مجموعـو: 1977ع)، مور چاندي (ايڪناڪي ناٽڪ: 1979ع)، سنڌي ناٽڪ جي اوسر (پي ايڇ. ڊي ٿيسز: 1993ع)، ويھه ڪھاڻيون (1994ع)، ڀڳت (ڪـويتـائـون: 1998ع)، ”سنڌي ڪھاڻي، تبصرا ۽ جائزا“ (ترتيب: 2009ع). سنڌي ڪھاڻي (مقالا ۽ مضمون: 2010ع) ۽ نئين ڪويتا- رچناتمڪ اڀياس (2010ع) شامل آهن. ان کان سواءِ مختلف رسالن جھڙوڪ: ”ڇوليون“ ماهوار (1967- 1968ع) ۽ ”ڪويتا“ ٻماهي (1968- 1986ع) جو ايڊيٽر ۽ ”رچنا“ ٽماهيءَ جو مددگار ايڊيٽر رهيو. 1976ع کان 2000ع تائين ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪيو. هن مختلف ناٽڪ ٻين ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري اسٽيج ڪيا، جن ۾ ڪجهه اهم ناٽڪ: ”واريءَ سندو ڪوٽ“ (1980ع)، ”جلوس“ (1982ع)، ”آشيانو“ (1990ع)، ”فرشتن جي دنيا“، ”اوندهه جي دنيا“، ”ماچيس ڪٿي آهي؟“، ”سخت چھري وارو ماڻهو“، ”جڏهن زنده هوندا هئاسين“ ۽ ”هن جو ڊپ“ وغيره آهن. هُو ’سنڌي ڊراما ورڪشاپ‘ جو بنياد وجهندڙ ۽ صدر رهيو. کيس ڪيترائي ايوارڊ به مليا، جن ۾: سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان ”مورچا بندي“ ڊرامي تي ايوارڊ (1979ع)، سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه اکل ڀارت پاران ادبي مڃتا ايوارڊ (2000ع)، گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي پاران گورَ پرسڪار (1999ع) ۽ گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (1999ع)، ”ڀڳت“ ڪتاب تي ساهتيه اڪيڊميءَ، دهليءَ پاران ايوارڊ (2001ع) شامل آهن. سندس ادبي پورهئي تي ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”پريم پرڪاش - شخصيت ۽ فڪري سفر“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو 2018ع ۾ شايع ٿيو. هن 10 جنوري 2024ع تي احمد آباد، هندستان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.08.02  عيسوي

ڊاڪٽر پريم پرڪاش 2 آگسٽ 1946ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلوچ هدايت
ٺٽوي رضي الدين فدائي
حاجي غلام نبي مهيسر
حاجي نور محمد شاهه نورل
اوج علوي
چڱو جت
اياز گل
اميد علي ڪلهوڙو
زنگيجو خدا بخش فقير
تنوير شاهه محمد زئي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون